ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اسٽيٽ ايجنٽ قتل،  هٿ پير ٻڌل لاش  هٿ، ان ڏس ۾ سرجاڻي ٽائون جي روزي ڳوٺ ۾ هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري اسٽيٽ ايجنٽ اقبال کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول سان سندس پٽ به گڏ هو، جيڪو محفوظ رهيو. پوليس موجب مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جو زمين واري معاملي تان هڪ ڌر سان تڪرار هلندڙ هو، مقتول مٿان  هڪ سال اڳ مهراڻ رند نالي نوجوان کي قتل ڪرڻ جو به الزام هو، هوڏانهن منگھوپير جي نورس چورنگي وٽ واٽر هائڊرنٽ مان هڪ شخص جو هٿ پير ٻڌل لاش مليو، پوليس موجب امڪان آهي ته لاش بلوچستان مان لڙهي آيو هجي،