سکر (بيورو رپورٽ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي امير مولانا سعد رضوي چيو  آھي ته حڪمرانن ڪڏھن به عوام جو ناھي سوچيو، آصف زرداري ھجي، نواز شريف ھجي يا عمران خان، سڀ ڪرپٽ آهن. اسلام آباد ۽ لاھور ۾ جمھوريت جون ڳالھيون ڪندڙن جو اصل چھرو ڏسي چڪا آھيون. سکر ۾ ميڊيا نمائندن ڳالھائيندي مولانا سعد رضوي وڌيڪ چيو ته ڪراچيءَ جي ضمني چونڊ ۾ حڪومتي مداخلت ڌانڌليءَ تحت تحريڪ لبيڪ کي ھارايو ويو، اسان ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڏني آھي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آھي ته درخواست ۾ لفظ درست ناھن. مولانا سعد رضوي جو چوڻ هو ته تحريڪ لبيڪ بلدياتي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺي رھي آھي.