پيرجوڳوٺ (ن پ ا) اليڪشن ڪميشن جو ڪارنامو، ڪافي عرصو اڳ فوت ٿي ويل تعلقي ڪنگري جي ٻن  استادن جون  مختلف پولنگ اسٽيشنن تي ڊيوٽيون لڳائي ڇڏيون. تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن ڪجهه ڏينهن بعد 26 جون تي پهرئين مرحلي ۾ رٿيل بلدياتي چونڊن جي موقعي تي، هڪ سال اڳ فوت ٿيل استاد غلام رضا ڪانهر جي  يوسي صدرجي ڀٽيون وارڊ نمبر 2 جي پولنگ اسٽيشن تي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي آهي. جڏهن 8 مهينا اڳ فوت ٿيل استاد علي مردان ڦلپوٽو جي ٽائون ڪاميٽي احمدپور جي وارڊ نمبر 2 واري پولنگ اسٽيشن تي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي.