ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير جي شاهه لطيف ٿاڻي تي لاڪپ ٿيل جوابدار تي  ٻين جوابدارن جو تشدد، وڏي وزير نوٽيس ورتو، انڪوائري جو حڪم،ان ڏس ۾ شاهه لطيف ٿاڻي ۾ لاڪپ ٿيل هڪ جوابدار تي تشدد جي وڊيو وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته پوليس اهلڪار  سامهون 2 جوابدار لاڪ اپ ٿيل هڪ جوابدار کي تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن، وائرل ٿيل وڊيو جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس وٺي ڪراچي پوليس چيف جاويد اختر اڍو کي حڪم ڪيو ته معاملي جي انڪوائري ڪري عفلت ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،