ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي روڪٿام لاءِ  ٽريننگ سينٽرن مان سوين اهلڪار شهر جي مختلف هنڌن تي مقرر ڪيا ويا، ان ڏس ۾ شاهد حيات پوليس ٽريننگ سينٽر مان 1000 اهلڪارن کي سائوٿ زون ۽ 900 اهلڪارن کي ويسٽ زون اماڻيو ويو، جڏهن ته رزاق آباد ٽريننگ سينٽر مان 1200 اهلڪارن کي اوڀر زون ۾ اماڻيو ويو، اهلڪارن کي ٽن شفٽن ۾ روڊن ۽ بازارن ۾ مقرر ڪيو ويندو