چمبڙ (رپورٽ: خميسو دائوداڻي)اٽو مهانگو ٿيڻ کان پوءِ غريب طبقي جا ماڻهو گڙدا وڪڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾  ٽنڊوالھيار جي ڳوٺ ڏتو ڪالروجو رھواسي مدن لال ميگھواڙ  5 ٻارن جو پي گھر ۾ ٻچن جي بک لاء پنھجو گردووڪڻي ٻارن لاء اٽو وٺڻ لاء پريس ڪلب پھچي ويو. مدن لال ميگهواڙ گڏهه گاڏو هلائي ٻچن جو پيٽ پاليندو آهي، اٽو مهانگو ٿيڻ ڪري پريشان ٿي ويو آهي. هن چيو ته منهنجا پنج ٻار آهن، ٻارن ۽ زال ڪيترن ئي ڏينهن کان هڪ وقت جي ماني تي گذارو ڪري رهيا آهن. ڪڏهن کائين ٿا ته ڪڏهن سڄو ڏينهن بکيا رهن ٿا. هن چيو ته اٽي سميت کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿي ويون آهن. حڪومت سستي اٽي وارو تماشو ڪري عوام جو مذاق اڏائي رهي آهي. هن چيوته خودڪشي ڪريان ان کان بهتر آهي ته پنهنجو گڙدو وڪڻي ٻچن کي ٻن ويلن جي ماني ڏئي  سگهان.