ملير(رپورٽر) ملير ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسٽاف آفيسر کان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت : 2 ڦورو هاف فراءَ : ان ڏس ۾ سنڌ اسيمبلي جو اسٽاف آفيسر نبي بخش لغاري پنهنجي فيملي سان گاڏي ۾ اسٽيل ٽائون کان گلشن حديد اچي رهيو هو ته موٽر سائيڪل سوار ٻن هٿياربند ڦورن کيس روڪي ڦر لٽ جي ڪوشش ڪئي، اسٽاف آفيسر پاران مزاحمت  ڪرڻ تي ڦورن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، نبي بخش لغاري پيڇو ڪري اسٽيل ٽائون موڙ ويجهو ڦورن کي ٽڪر هڻي ڪيرائي وڌو، جنهن تي ڦورن پاران نبي بخش جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي، انهي دوران پهتل اسٽيل ٽائون پوليس فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ٻن ڦورن جنيد ۽ سهيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان ٻه پسٽل ۽ ڦر ڪيل 6 موبائل فون هٿ ڪري ورتا، ٻئي طرف ايس ايس پي ملير عرفان بهادر ٻڌايو ته ڦورن ملير ضلعي ۾  49 وارداتن ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو آهي.