کپرو: اڇڙي ٿر واسي پيرپاڳاري جي مريد حاڪم هنڱورجو چيو آهي ته اسان وٽ چيف خليفو ۽ ٻيا آيا ته کين مان ڏينداسين، ڳالهيون ٻڌائينداسين، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان اڳ به چيف خليفي ڏانهن ويا هئاسين پر مسئلو حل نه ڪيو هو، هن چيو ته اسان سڀني تائين ويا هئاسين پر ڪنهن به مدد نه ڪئي سڀ خليفي احمد راڄڙ جي پاسي هئا، هن چيو ته هڪ ڀيرو اسان جو هٿ کوليو ويو ته اسان نياڻين جي شادي طئي ڪئي، ان دوران ئي وري هٿ بند ڪيو ويو جنهن ڪري نياڻين کي ونواهه مان اٿاريو ويو، هن چيو ته اسان جو مسئلو رڳو پير سائين پاڳارو ئي حل ڪري سگهي ٿو، خليفا ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن.