ڪتاب سنڌ ڪماري (ناول) تي تبصرو

0
505
شيخ اياز جا منظوم ڊرامه

 سنڌ ڪماري نالي ڇپيل هي ڪتاب محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي وچ ۾ ٿيل جنگ جي روئيداد آهي. هيءَ صفدر زيدي طرفان اردو ۾ “بنت ڏاهر” جي نالي لکيل ناول آهي، جنهن جو سنڌ ڪماري نالي سان عبدالمومن ميمڻ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي. سنڌ ڪماري جي ارپنا زين شاهه جي نالي سان ٿيل آهي. سنڌ ڪماري 58 بابن ۽ 262 صفحن تي مشتمل آهي.

                 هيءَ هڪ تاريخي ناول آهي ۽ محمد بن قاسم هٿان سنڌ فتح ٿيڻ واري جنگ تي لکيل آهي. مترجم پنهنجي طرفان لکيل مهاڳ ۾ لکيو آهي ته “اڃا آقا کي وصال فرمائي ڏيڍ صدي مس گذري ته ٺڪ مٿان اچي الله جي نالي تي سنڌ تي ڪڙڪيا”. مترجم جو اشارو عربن طرفان سنڌ تي حملن جي طرف آهي، پر انهيءَ ۾ ڏيڍ صدي کان پوءِ حملو تاريخي طرح غلط آهي. حضور جن 12 هه ۾ رحلت فرمائي ۽ سنڌ تي پهريون حملو 15 هه ۾ پهرين خليفي حضرت عمر جي دور ۾ ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو 92 هه يعني سنڌ تي عربن جي قبضي ٿيڻ تائين جاري رهيو. سنڌ تي عربن طرفان ڪيل حملن جو تعداد تاريخ جي مختلف ڪتابن ۾ مختلف لکيل آهي. اهو تعداد 14 کان 20 لکيو ويو آهي.

ناول ۾ مصنف اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته محمد بن قاسم سنڌ تي حملو نه ڪيو، پر هو پنهنجي ظالم چاچي حجاج بن يوسف جي چوڻ تي سنڌ تي حملي آور فوج جو نالي ماتر اڳواڻ ٿي آيو هو ۽ سڄي جنگي حڪمت عملي ۽ ويڙهه حجاج بن يوسف فوج سان گڏ آيل ٻن عرب فوجي اڳواڻن جي ذريعي عمل ۾ آندي. ليکڪ اهو به لکي ٿو ته جڏهن ديبل بندر تي حملو ڪيو ويو ته محمد بن قاسم ميدان جنگ کان پري هڪ سامونڊي جهاز ۾ موجود هو ۽ ديبل فتح ڪري پوءِ هن کي وٺي اچي ديبل جي قلعي ۾ رهايو ويو ۽ ايئن هر جنگ جي محاذ تي ٿيندو رهيو. تاريخ جي مطالعي مان اها ڳالهه واضح نظر اچي ٿي ته محمد بن قاسم هر جنگي محاذ تي فوج جي اڳواڻي ڪندو رهيو. خاص ڪري راوڙجي جنگ ۾ هو موجود هو. چچ نامي مطابق سنڌي فوجن جي حملي کان بوکلائجي هو رڙيون ڪري چوڻ لڳو ته مون کي پاڻي کارايو. جيئن ته هي هڪ تاريخي ناول آهي ڪو تاريخ جو ڪتاب ڪونهي. انهي ڪري انهيءِ ۾ اهڙيون ڪوتاهيون، خاميون ضرور موجود هونديون. پرڇاڪاڻ جو هي سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم واقعي تي ناول لکيل آهي، انهي ڪري هن کي حقيقتن جي ويجهو هئڻ گهرجي ها. هي ناول حقيقتن کي ويجهو هئڻ جي بجاءِ هن ۾ تاريخ سان هٿ چراند ڪئي وئي آهي. هن کان اڳ ۾ ڪيترائي تاريخي ناول، جن ۾ آگ کا دريا، ٽرين ٽو پاڪستان، غدار، آخر شب ڪي همسفر، ماءُ، دار و رسن ڪي آزمائش، خاڪ و خون، اور ڊان بهتا رها ۽ ٻيا کوڙ سارا ناول ڇپيل آهن، جيڪي پڙهڻ سان ان وقت جي سياسي سماجي تاريخ اکين اڳيان اچي وڃي ٿي. ناول ۾ ديبل تي حملو باهه وارن تيرن سان لکيل آهي، جڏهن ته اها حقيققت آهي ته عربن پهريون دفعو سامونڊي فوج ۾ منجنيق مشين شامل ڪئي ۽ ان سان ديبل تي حملو ڪيو. سنڌي فوج انهي نئين هٿيار جو مقابلو نه ڪري سگهي ۽ شڪست کاڌي.

ناول ۾ راجا ڏاهر جي عربن سان آخري جنگ اروڙ ۾ لکيل آهي، جڏهن چچ نامي ۽ ٻين تاريخ جي ڪتابن ۾ آخري جنگ راوڙ ۾ لکيل آهي. ان وقت سنڌ جا ٽي گادي جا هنڌ هوندا هئا جن ۾ اروڙ، برهمڻ آباد ۽ راوڙ شامل آهن. راجا گرميون راوڙ ۾ اچي گذاريندو هو. جيئن ته اروڙ ۽ برهمڻ آباد گرم علائقن ۾ واقع آهن، انهي ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته راوڙ لاڙ جي علائقي ۾ هو. چچ نامي مطابق راوڙ فتح ڪرڻ کانپوءِ عرب فوج اروڙ طرف پيش قدمي ڪئي ۽ رستي ۾ ٻيا قلعا فتح ڪندي اروڙ تي حملي آور ٿي.

ناول جي مکيه ڪردار بنت ڏاهر جي لاءِ ليکڪ لکيو آهي ته جنگ ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ٿي، جڏهن محمد بن قاسم جي سامهون ان کي پيش ڪيو ويو ته محمد بن قاسم ان تي فريفته ٿيو ۽ ان سان عشق ڪرڻ لڳو آخر ۾ بنت ڏاهر حاڪم ڏانهن مائل ٿي ۽ محمد بن قاسم جيترو وقت سنڌ ۾ رهيو ان سان گڏ گهارڻ لڳي. تاريخ جي ڪتابن ۾ محمد بن قاسم جي شادي راجا ڏاهر جي زال لاڏي سان لکيل آهي. جيڪا پڻ اختلافي لڳي ٿي، ڇاڪاڻ جو راجا ڏاهر جي خاندان جي عورتن راوڙ جي محل ۾ گڏيل آپگهات ڪيو هو ۽ جيڪي محل ۾ موجود نه هيون، انهن کي باندي بڻائي دمشق موڪليو ويو جن ۾ راجا ڏاهر جون ٻه ڌيئرون ۽ هڪ ڀاڻج شامل هيون جيئن ته هي ناول آهي، انهي ڪري ناول جي گهرج مطابق اهڙيون گهٽ وڌايون ڪري سگهجن ٿيون، جنهن تي ڪو به اعتراض نه هئڻ گهرجي. اعتراض جوڳي ڳالهه اها آهي جو بنت ڏاهر کي جهڙي نموني سان محمد بن قاسم سان سنجوڳ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، انهي مان ايئن محسوس ٿئي ٿو، ته ڄڻ بنت ڏاهر ڪوڪ شاستر جو سبق دهرائيندي هجي. سنجوڳ جي حوالي سان لکڻي اهڙي آهي جيڪا هتي دهرائي نٿي سگهجي. انهن فقرن پڙهڻ سان ايئن محسوس ٿئي ٿو ته هي ڪو تاريخي ناول نه بلڪ هڪ عام جنسي ناول آهي. پڙهندڙ ڄڻ ته وهي وهانوي جو جنسي ناول پڙهي رهيو هجي.

ناول ۾ محمد علافي ۽ ان جي سائين کي راجا ڏاهر جو وفادار ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ محمد علافي کي عربن خلاف جنگ ۾ وڙهندي ۽ جنگ ۾ مارجي ويل ڏيکاريو آھي. علافي خاندان  704ع ۾ سنڌ ۾ راجا ڏاهر وٽ پناهه ورتي هئي. راجا ڏاهر محمد علافي کان فوجي مشورا پڻ وٺندو هو. جڏهن راوڙ جي ميدان ۾ راجا ان کان مدد گهري ته هن مسلمانن خلاف وڙهڻ کان نابري واري ۽ وڃي محمد بن قاسم وٽ پيش پيو. سنڌ جي تاريخدان محترم ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ پنهنجي ڪتاب تاريخ سنڌ عرب دور ۾ علافين لاءِ لکيو آهي ته “علافي خاندان جي ماڻهو جن راجا ڏاهر وٽ پناهه ورتي هئي، اهي پڻ غدار ثابت ٿيا ۽ انهن عربن لاءِ مخفي جاسوسي جو ڪم سرانجام ڏنو”. ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ راوڙ جي جنگ متعلق لکيو آهي ته “راوڙ جي فيصلا ڪن جنگ جنهن سنڌ جي قسمت کي سيل مهر ڪري ڇڏيو ۽ جنهن ۾ راجا ڏاهر کي ڳاٽي ڀڳي شڪست ملي. علافي برادران جي غلط  مشوري سبب ناڪام وئي.”

ناول ۾ محمد بن قاسم کي ٻالو ڀولو ڪري پيش ڪيو ويو آهي ۽ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته محمد بن قاسم پنهنجي مرضي سان سنڌ تي حملي آور نه ٿيو، پر پنهنجي ظالم چاچي جي ڊپ کان هن جي ڳالهه مڃي سنڌ ۾ آيو. آخر ۾ اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته محمد بن قاسم، راج ڪماري (بنت ڏاهر) سان ملي سنڌ ڇڏي ٻي ڪنهن ملڪ ۾ وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو، پر عرب فوج کي اطلاع ملڻ تي هن کي گرفتار ڪيو ويو. حقيقت ان جي ابتڙ آهي. محمد بن قاسم 712ع ۾ سنڌ تي حملي آور ٿيو ۽ 715 تائين سنڌ ۾ رهيو. انهي عرصي ۾ 714ع ۾ حجاج بن يوسف وفات ڪري ويو، پر هو موٽي وڃي پنهنجي چاچي جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ جي بجاءِ وڌيڪ علائقا فتح ڪندو رهيو. تان جو 715ع ۾ خليفو وليد بن عبدالمالڪ پڻ وفات ڪري ويو ۽ سليمان بن عبدالمالڪ تخت نشين ٿيو. جنهن وليد بن عبدالمالڪ جي سڀني فوجي جنرلن کي گرفتار ڪرائي انهن کي مختلف سزائون ڏنيون. محمد بن قاسم کي واسط جيل ۾ سزاءِ موت ڏني وئي. محمد بن قاسم جو موت عربن جي پاڻ ۾ اندروني ويڙهه جو نتيجو آهي. ناول ۾ راجا ڏاهر جي مارجڻ کان پوءِ جيسينه طرفان ڪيل مزاحمت جو ڪو به ذڪر نه آهي.

سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم واقعي کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي پويان هڪ مخصوص سوچ ۽ نظريو آهي، انهي نظريئي ۽ سوچ هيٺ 1947ع ۾ يوپي ۽ سي پي مان پاڪستان ۾ لڏپلاڻ ڪئي وئي ۽ انهي سوچ هيٺ 1948ع ۾ سنڌ ۾ مذهبي فساد ڪرايا ويا. سنڌ جي هندن جو قتل عام شروع ٿيو، جنهن جو نتيجو سنڌي هندن جو سنڌ مان لڏي هندستان وڃڻ آهي. انهي سوچ هيٺ جڏهن 1948ع ۾ ڪراچي ۾ گورنر جنرل پاڪستان محمد علي جناح ۽ سنڌ جو وزير اعظم محمد ايوب کهڙو متاثر سنڌي هندن وٽ ويا، پر وزير اعظم پاڪستان لياقت علي خان نه ويو. اها سوچ اڄ به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. شايد اهڙن ماڻهن لاءِ ئي شاهه لطيف چيو آهي.

ڌريان ئي ڌرايا مٽ مئي جا نه ٿيا.