سالارن جي سالاري جو قصو

0
241
دهشتگردن جي نشاني تي آيل حڪمران جماعتون

 آئين ڪنهن به ملڪ لاءِ ڪرنگهي جو ڪردار ادا ڪندو آھي. آئين هڪ ليڪ مثل آھي جنهن تي عمل ڪرڻ سان ڪو نقصان نه ٿيندو آھي. آئين هر اداري کي حق ڏنا آھن پر ڪڏهن ڪڏهن آئين موجب مليل حق ڪنهن جو حق کسڻ لاءِ به استعمال ٿيندو آھي. آئين پاڪستان موجب وزيراعظم کي اهو اختيار حاصل آھي ته اهو پنهنجي فوج جو سالار ڪنهن به  لفٽيننٽ جنرل کي بڻائي سگهي ٿو. ڏٺو وڃي ته جيڪي آفيسر مختلف امتحان پاس ڪري ۽ پنهنجي شعبي جي سخت چئلينجز کي منهن ڏيئي ترقي ماڻي اچي ان منزل تي پچھندا آھن جتي پهچڻ ھر سپاهي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهندو آھي پر آئين موجب مليل اختيارن کي استعمال ڪندي جڏهن ڪو وزيراعظم ڪنهن جونيئر کي سپهه سالاري سونپي ٿو ته ان وقت سينئرز جي حق تلفي ٿئي ٿي. سپر سيڊ ٿيندڙ ليفٽيننٽ جنرلز سان هڪ قسم جي ناانصافي ٿئي ٿي اها نانصافي آئيني طور ليکي ويندي جنهن جو ڪو به پڇاڻو ناهي ٿيندو.

                 هن وقت تائين صرف ڪجھه سپهه سالارن کي سينارٽي جي بنيادن تي ترقي ڏيئي آرمي چيف بڻايو ويو انهن مان جنرل ٽڪا خان به هڪ آھي. جنرل مرزا اسلم بيگ کي ضياءَ الحق جي حادثي کان پوءِ فوج جي سالاري ڏني وئي اهڙي ريت ڪنهن به سينئر جنرل کي سپر سيڊ نه ڪيو ويو. جنرل مرزا اسلم بيگ کان پوءِ 1991ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف جنرل آصف نواز جنجوعه کي  ليفٽيننٽ جنرل شميم عالم خان تي فوقيت ڏني  پر شميم عالم خان کي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف بڻائي ريٽائر ٿيڻ نه ڏنو. جنرل آصف نواز جي اوچتي وفات کان پوءِ جنرل وحيد ڪاڪڙ کي سپهه سالار مقرر ڪيو ويو ته ان وقت سينئر ترين ليفٽيننٽ جنرلز رحمدل ڀٽي، محمد اشرف فرخ خان ۽ عارف بنگش سپر سيڊ ٿي ويا. جنرل وحيد ڪاڪڙ کان پوءِ ان وقت جي وزيراعظم  شھيد بينظير ڀٽو سينئر ترين ماڻھو جنرل جهانگير ڪرامت کي فوج جو سالار مقرر ڪيو اهڙي ريت ڪنهن به سينئر جي حق تلفي نه ٿي. شايد جنرل جهانگير اهو واحد فوجي سربراهه هو جنهن وزيراعظم سان اختلافن ڪري وقت کان اڳ پنهنجو عهدو ڇڏيو. جنرل جهانگير ڪرامت کان پوءِ ميان نواز شريف ليفٽيننٽ جنرل علي قلي خان ۽ ليفٽيننٽ جنرل خالد نواز خان کي سپر سيڊ ڪري سيد پرويز مشرف کي نئون آرمي چيف بڻايو. پرويز مشرف جي مارشل لا کان پوءِ اشفاق پرويز ڪياني جي مقرري سان به ڪو سينئر سپر سيڊ نه ٿيو. 2013ع ۾ نواز شريف جڏهن راحيل شريف کي آرمي چيف بڻايو ته ان وقت صرف ليفٽيننٽ جنرل ھارون کي سپر سيڊ ڪيو ويو. ان کان پوءِ جڏهن جنرل قمر جاويد باجوه کي نئون سپهه سالار بڻايو ويو ته ان وقت ليفٽيننٽ جنرلز سيد واجد حسين، نجيب الله خان، اشفاق نديم احمد ۽ جاويد اقبال رمدي سپر سيڊ ٿيا. ٻئي دفعي جڏهن جنرل قمر جاويد باجوه صاحب جي نوڪري ۾ واڌ ڪئي وئي ته لڳ ڀڳ ٽي درجن ليفٽيننٽ جنرلز نئين آرمي چيف جي ڊوڙ کان ٻاهر نڪري ويا. هاڻي وري هڪ دفعو ٻيهر سينارٽي جي دور کي ورجايو ويو ۽ سينئر ترين فوجي آفيسر سيد عاصم منير کي فوج جي سپهه سالاري ڏني وئي آھي ان سان گڏ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف به سينئر ترين جنرل ساحر شمشاد کي بڻايو ويو آھي. ڏسجي ته اڳتي به اها روايت برقرار رهي ٿي يا وري ڪنهن جونيئر کي سينئرز تي فوقيت ڏيئي پنهنجي پسند ۽ ناپسند کي نظر ۾ رکيو ويندو .

پاڪستاني فوج جي سالارن  جي سالاري ۾ واڌاري جو رواج فيلڊ ماشل ايوب خان کان شروع ٿيو. ان وقت جي وزيراعظم فيروز خان نون 1958ع ۾ جنرل ايوب خان جي نوڪري ۾ واڌ ڪئي جنهن اڳتي هلي ملڪ ۾ مارشل لا هنئي ۽ ان سان گڏ ون يونٽ به قائم ڪيو ۽ ملڪ جي جمهوريت پسند پنهنجي مخالفن ۾ غداري جا سرٽيفڪيٽ به ورهايا. ان کان پوءِ ان واڌ جو فائدو جنرل ضياءَالحق، جنرل پرويز مشرف، جنرل اشفاق پرويز ڪياني ۽ جنرل قمر جاويد باجوه به حاصل ڪيو. جنرل ضياءَالحق ۽ جنرل پرويز مشرف ملڪ ۾ مارشل لا هڻي پنهنجي سالاري ۾ پاڻ واڌ ڪئي. باقي فوجي سالارن کي جمهوريت جي دعويدار سياسي پارٽين پاڪستان پيپلز پارٽي مسلم ليگ نواز ۽ تحريڪ انصاف پنهنجي ھم خيالي جي ڪري سندن نوڪري ۾ واڌ ڪئي. اشفاق پرويز ڪياني جي سالاري ۾ واڌ پ پ پ جي چونڊيل وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ان وقت ڪئي جڏهن بينظير ڀٽو جي شھادت جو الزام فوجي سربراهه پرويز مشرف مٿان لڳايو ويو هو. (اها ٻي ڳالھه آھي جو پ پ پ جي وزير اعظم سان گڏ نواز جي وزيرن به پرويز مشرف هٿان حلف کنيو هو) اشفاق پرويز ڪياني کان پوءِ جنرل قمر جاويد باجوه کي تحريڪ انصاف وڌيڪ ٽن سالن لاءِ سندس سالاري ۾ واڌ ڪئي. ڏٺو وڃي ته انهن سڀني سياسي جماعتن فوجي سالارن جي سالاري ۾ واڌ ملڪي مفاد کان وڌيڪ پنهنجيون حڪومتون بچائڻ لاءِ ڪئي هئي. جمهوريت جي دعويدار پارٽين جي روش کي ڏسجي ته انهن پارٽين فوجي سربراهن  کي پنهنجي بقا لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو ضياءَالحق کي پنهنجو سمجهي اڳتي آندو ضياءَالحق وري کيس ڦاسي جي تختي تي پهچايو. نواز شريف پرويز مشرف تي پنهجي مهرباني جا در کوليا ته ان وري کيس جلاوطني جي صورت ۾ کيس پنهنجي وفاداري جو ثبوت ڏنو. عمران خان باجوه صاحب کي ايڪسٽينشن ڏني جنهن تي عمران خان اڄ به پنهنجي حڪومت وڃڻ جا الزام هڻي ٿو. جڏهن سياستدان عوام کان وڌيڪ غيرجمهوري قوتن ڏانهن واجهائيندا ته نتيجا به ڪي سٺا نه ايندا. هاڻي جڏهن فوج چئي ٿي ته اسان جو سياست سان ڪو تعلق ناهي ته اسان جا سياستدان هڪ پيج تي گڏجن ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪو جامع معاهدو ڪن. عمران خان به اڳتي وڌي حڪمران اتحاد سان ميثاق جمهوريت جي طرز جو معاهدو ڪري جيئن آمريت جو در هميشه لاءِ بند ٿئي.