حيدرآباد: ڪبوتر پاليندڙن ۾ اڪثريت ننڍي عمر جي ٻارن جي هجي ٿي جنهن سان سندن تعليم تي به اثر پئي ٿو پر سروي دوران خفتين ٻڌايو ته ٻار ۽ نوجوان ڄاڻايل خفت ۾ مشغول رهڻ سبب بري صحبت کان بچي وڃن ٿا. حيدرآباد ۾ پورهيت طبقي کان ويندي سرڪاري ملازم به ڪبوترن جو شوق ڪن ٿا جن وٽ اعليٰ نسل جا ڪبوتر رکڻ لاءِ ڇتين تي گهرن جيان پڃرا تعمير ٿيل آهن جڏهن ته ڪجهه شوقين وري پڪي قلعي روڊ تي واڍڪو ڪم ڪندڙ پورهيتن کان ڪبوتر رکڻ لاءِ پسند جا پڃرا ٺهرائي ان ۾ ڪبوتر رکن ٿا.