حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ڪبوترن جا شوقين روزگار سانگي ڪبوتر وڪڻي ۽ وٺندا به رهن ٿا. تاريخي پڪي قلعي جي ڀرسان اسٽيشن روڊ ۽ گهنٽا گهر ڀرسان مسلم ڪاليج روڊ تي ڪبوترن جي وڪري لاءِ پڙيون به لڳن ٿيون. هفتي جا 2 ڏينهن جمع ۽ آچر تي لڳندڙ پڙين ۾ هزارن جي تعداد ۾ ٻار، نوجوان توڙي پيرسن پنهنجن پنهنجن علائقن مان ڪبوتر کڻي وڪري لاءِ رکن ٿا. ڪبوترن جي پڙين ۾ پورهيت طبقو روزگار سانگي 200 رپين کان هڪ هزار رپين تائين ڪبوتر وڪرو ڪندو رهي ٿو جڏهن ته ڪبوترن جي نسلن کان واقف خفتي وري اعليٰ نسل جا ڪبوتر ڀڳڙن جي مٺ عيوض خريد ڪري بازين لاءِ کڻي وڃن ٿا ۽ بازيون کٽڻ بعد وري ساڳيان ڪبوتر هو 5 هزار رپين کان 20 هزار رپين تائين وڏو ناڻو رکي وڪڻيون ڇڏين.