گمبٽ (ن پ ا)گمبٽ ۾ وڌندڙ بدامني تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو، نامعلوم هٿياربند سينئر استاد ذالفقار ميمڻ جي گهر ۾ گهڙي روڪ رقم ۽ عورتن کان سونا زيور لهرائي فرار ٿي ويا. استادن ۽ شاگردن جي مراد هاءِ اسڪول کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي، بدامنيءَ تي ضابطو آڻڻ جو مطالبو. ان موقعي تي احتجاج ڪندي استاد اعجاز علي شاهه، محمد ڪامل مڱڻيجو، استاد شفيق احمد سومرو، محمد صالح ڄامڙو، استاد ذوالفقار ميمڻ ۽ ٻين چيو ته گمبٽ شهر ۾ بدامني وڌي وئي آهي. هنن ٻڌايو ته نامعلوم هٿياربند سينئر استاد ذوالفقار علي ميمڻ جي گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي 6 لک رپيا روڪ ۽ عورتن کي پاتل سونا زيور لهرائي کڻي فرار ٿي ويا. پوليس جي نااهلي سبب شهري راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن. پوليس ڏوهن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته گمبٽ شهر ۾ بدامنيءَ تي فوري طور ضابطو آندو وڃي.