ايبٽ آباد(اسپورٽس نيوز) ايبٽ آباد جي ڪاڪول ملٽري اڪيڊمي ۾ ٽريننگ دوران قومي ٽِيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر اعظم خان 2 ڪلوميٽر واري ڊوڙ ۾ شديد مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويو، ٽريننگ جي ٻئي ڏينهن پاڪستاني ڪرڪيٽرز جي فٽنس جو جائزو وٺڻ جي ڊوڙ لڳائي وئي، ٽيسٽ دوران عرفان الله خان نيازي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 2 ڪلوميٽر جي ڊوڙ 6 منٽ ۽ 47 سيڪنڊز ۾ مڪمل ۽ سرفهرست رهيو، اعظم خان ڏيڍ ڪلوميٽر ڀڄي سگهيو، ڊوڙ جو وقت 20 منٽ رکيو ويو هو. محمد رضوان 8 منٽ 26 سيڪنڊز، محمد حارث، نسيم شاهه، حسيب الله ۽ محمد وسيم جونيئر 8 منٽ 27 سيڪنڊن ۾ پار ڪيو، شاهين آفريدي 8 منٽ 27 سيڪنڊز، آغا سلمان 9 منٽ 20 سيڪنڊ، محمد عامر 9 منٽ 30 سيڪنڊ، شاداب خان 9 منٽ 56 سيڪنڊ ۽ محمد نواز 9 منٽ 57 سيڪنڊن ۾ ريس مڪمل ڪئي.