سوال/سروي … شاهنواز ڏاهاڻي سدائين نظرانداز ڇو؟ سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل

0
33

شاهنواز ڏاهاڻي کي نظرانداز ڪرڻ خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، ان حوالي سان اشفاق آذر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيتوڻيڪ شاهنواز ڏاهاڻي کي عالمي سطح جو بالر ٿيڻ لاءِ اڃان وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي پر هن وقت ٽريننگ ڪيمپ مان کيس ٻاهر رکڻ سنئين سڌي ۽ کليل زيادتي آهي. هو هن وقت به پي سي بي جو سينٽرلي ڪانٽريڪٽيڊ پليئر آهي. جيڪڏهن ڳالهه رڳو پي ايس ايل ۾ پرفارمنس جي بنياد تي سليڪشن جي آهي ته ان ۾ سواءِ چند پليئرس جي باقي سڀني جي ڪارڪردگي بدتر رهي، توهان جي ٽي 20 جو ڪپتان شاهين شاهه آفريدي بري طرح ناڪام رهيو، حارث رئوف، وسيم جونيئر، ڏاهاڻي کان وڌيڪ رنسون ڏنيون، ڏاهاڻي کي 12 ميچن مان رڳو 3 ميچ کيڏائي ٻاهر ويهاريو ويو.

                         پي سي بي ۾ لابيز، پنهنجا نوازي (خاص ڪري پنجاب نوازي) ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. ڏاهاڻي جيئن ته انهن جي اسڪيم ۾ فٽ نٿو ٿئي، نه لابي، نه پٺ، نه سفارش…ان ڪري هن کي سيريز ته ٺهيو ڪيمپ کان ئي ٻاهر رکڻ مان اهو تاثر ڪيئن نه پختو ٿئي ته هن کي فقط سنڌي هجڻ جي سزا ڏني پئي وڃي؟ جيتوڻيڪ آئون راند ۾ صوبائيت جو نه پر ميرٽ جو قائل آهيان، توهان ٻڌايو ته اها ڪهڙي ميرٽ آهي جنهن ۾ رٽائرڊ رانديگرن کان رٽائرمينٽ واپس وٺي کيڏايو پيو وڃي.

آخري ڳالهه ته دنيا جا عظيم ترين بالرس کڻي ڏسو، اهي به توهان کي ڪيترين ئي سيريز ۾ آف ڪلر ملندا. توهان ڪنهن رانديگر کي هڪ ٻه ميچون کيڏائي ٻاهر ڪڍندئو ۽ مسلسل ذهني دٻاءُ ۾ رکندئو ته هو ڪٿان پرفارم ڪري سگهندو؟ پنجاب جا رانديگر ڀلي پوري جو پوري سيريز ۾ نه هلن پر انهن کي هر ميچ ۾ موقعو ملندو. ملڪ وانگر ڪرڪيٽ جو ٻيڙو به غرق ڪيو ويو آهي، جنهن تي اسماعيل بجير لکيو ته اها ڪا نئين ڳالھه ناهي سنڌين سان هر معاملي تي پنجاب زيادتي نه ڪئي هجي، عرفان علي جوڻيجو به ردعمل ڏنو، سرمد ادل سولنگي لکيو ته محمد نواز، محمد حارث، حسيب الله، صاحبزا فرحان حسن علي ۽ عرفان خان نيازي کي ڪهڙي بنياد تي ڪئمپ طلب ڪيو ويو؟ عثمان خان جيڪو يو اي اي طرفان کيڏڻ چاهي ٿو ان جو نالو به شامل آهي مٿان وري هڪ پراڻا پنجاهه واپس گهريا ويا آهن ڇا اِها ميرٽ آهي؟ زاهد محمود کي ڪراچي ۾ آخري چئن ميچن ۾ موقعو مليو پر هن پنهنجي ڪارڪردگي سان تبريز شمسي جي کوٽ محسوس ٿيڻ نه ڏني موقعو ته ڏيو گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته موقعو ڏيو جيترو مٿي ڄاڻايل رانديگرن کي مليو آهي بنا پرفارمنس جي، گلشن لغاري لکيو ته سنڌين کي غلام سمجھن ٿا، پاڻ سان گڏ ڪيئن رکندا ؟ سجاد مهر لکيو ته اهو حشر ڪانئين ڳالھ ناهي. سنڌ سان اهڙيون سازشون ازل کان ٿينديون آيون آهن، ارشد عزيز ميمڻ لکيو ته دنيا ۾ بهترين ٽيم انڊيا آهي، جنهن ۾ هندو سک ۽ مسلمان گڏجي کيڏندا آهن اسان وٽ صرف پنجاب جي لابي آهي، آڪاش انصاري به ردعمل ڏو، طفيل احمد مڱريو لکيو ته زاهد محمود سان به نا انصافي ٿي آهي، جيڪو دادو ضلعي سان تعلق رکي ٿو، جاويد نظاماڻي لکيو ته پي سي بي چيئرمين به آصف زرداري جو ماڻھو آھي ان کي سنڌين سان ڌيندڙ نا انصافي ڇو نٿي نظر اچي؟ ابراهيم مخدوم لکيو ته بلڪل صحيح ٿا چئو، ذوالفقار علي سيٺار لکيو ته هن ته پاڻ بچائڻ لاءِ پاڻ کي سنڌي نه پر بلوچ سڏرايو پر پوءِ به نه بچيو، سلمان ميمڻ لکيو ته رڳو شوبازي اٿس، حبيب رتڙ لکيو ته ڏاهاڻيءَ کي گهرجي عمران طاهر جيان ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن کيڏي هنن جي اها تعصب پرستيءَ واري روايت ايئن ئي هلندي رهندي، رضا آڪاش لکيو ته عالمي ڪرڪيٽ جا معيار ھن کي اڃا سمجھه ۾ ناھن آيا، انٽرنيشنل اسٽڊيم  ۾ اھڙيون حرڪتون ڪندو آھي جھڙيون اسان کورواھه ۾ ڪندا ھئاسين، عاقب علي لاشاري لکيو ته سنڌ جو حق کائي ٿا وڃن، وسايو هاليپوٽو به ردعمل ڏنو، محمد شريف لکيو ته سنڌ سان تعلق رکي ٿو لڳاتار نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، اعجاز انڙ لکيو ته اهو تعصب نئون ناهي ايئن ڄاڻي واڻي ڪيو ٿو وڃي نه صرف ڪرڪيٽ ۾ ملڪ ۾ ٿيندڙ هر راند ۾ ايئن آهي بلوچن کي فٽ بال نٿا کيڏڻ ڏين ۽ سنڌين کي ڪرڪيٽ ۾ نٿا اچڻ ڏين..ڏاهاڻي سان سنئين سڌي ناانصافي آهي.. اصغر گلاب سومرو لکيو ته ٻيڙو غرق ڪرڻ وارا به اھي ئي آھن. ھڪ سنڌي کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جاويد چنا لکيو ته اسان جي صوبي جي راندين واري وزير کي قدم کڻڻ گهرجي ۽ پي سي بي سان ڳالهائڻ گهرجي، هڪ ڏاهاڻي نه پر ڪيترائي سنڌي رانديگر موجود آهن جن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، اسحاق سومرو لکيو ته هن ۾ سندس به ڪردار ٺيڪ نه رهيو آهي، جي نه ٿورو موقعو ملي ٿو اسين پاڻ آپي کان ٻاهر ٿا نڪرون. ٿورو احساس ڏيارڻ جي ضرورت آهي،  امجد سومرو لکيو ته ميرٽ ۽ صرف ميرٽ تي رانديگرن جي سليڪشن ٿيڻ گھرجي، ڪاشف سيال به ردعمل ڏنو، مصطفيٰ جمال شر لکيو ته هن لاءِ اسانکي ڪا به تڪليف نه ٿيڻ گهرجي هي سنڌ ۽ سنڌيت کي اون به نٿو ڪري، سانگي زاهد حسين لکيو ته پي سي بي پنجاب ڪرڪيٽ بورڊ آهي، حفيظ احمد لکيو ته 29 رانديگرن مان مشڪل سان 14-15 رانديگرن جي پرفارمنس ڪجهه تسلي بخش هئي پي ايس ايل ۾ باقي ٻيا ايئن ئي هئا، نواز، حارث، حسيب، وسيم جونيئر، حارث رئوف، وغيره پر پوءِ به انهن کي ڪيئمپ جوائن ڪرائي وئي. ان جي خبر پهريان ئي پئجي چڪي هئي جڏھن وهاب رياض اهو بيان ڏنو هيو ته ڏاهاڻي جو رويو درست ناهي. هُو نيٽ ۾ به بالنگ نه پيو ڪرائي. ڏاهاڻي جو ڪم بيڪ مشڪل آ ان مينيجمينٽ هوندي، قاسم ڪيهر به ردعمل ڏنو، اخلاق مهيسر لکيو ته پنجاب ڪرڪيٽ بورڊ آهي، فراق هاليپوٽو لکيو ته ان کي چئبو آهي غلامي، جمال ساند لکيو ته ھي ملڪ آهي ئي پنجابين جو، حنا ظفر علي لکيو ته پر هو ويچارو ته وڏي واڪ اهو کين ئي ٻڌائي چڪو آهي ته پاڻ سنڌي ناهي، پوءِ به کين قبول ناهي افسوس..