سنڌ ۾ ٽيلينٽ جي ڪمي بلڪل به نه آهي، صرف ان ٽيلينٽ جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. گذريل ڪجھه ڏينھن اڳ رنر-اپ فلپ سي جيسپ انٽرنيشنل موٽ ڪورٽ ڪامپيٽيشن 2024 نسٽ يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ٿي گذريو. جنهن ۾ سنڌ جي ٻن ٽيمن شاندار مقابلو ڪري پوزيشن ماڻي ورتي هئي. جنهن ۾ ٻن نجي لا ڪاليجز جي شاگردن پوزيشن ماڻي هئي. جنهن ۾ سنڌ مهراڻ لا ڪاليج ڄامشورو جي ٽيم پوزيشن ماڻي فائينل رائونڊ لاءِ آمريڪا جي شهر واشنگٽن ڊي سي لاءِ روانو ٿي چڪا آهن. سنڌ مهراڻ لا ڪاليج ٽيم جي ڪوچ راجا سجاد، لا جي شاگرد ڪشمور ڄائي امتياز حسين، مٽياري ڄائي ايمان ميمڻ، ۽ قمبر ڄائي ثناءُالله ڀٽو ٽيم ۾ شامل آهن، سنڌ مهراڻ لا ڪاليج ڄامشورو جي ٽيم موجب گذريل سال به ساڳي ئي انٽرنيشنل ڪامپيٽيشن ۾ پوزيشن ماڻي هئي. پر ويزا لڳڻ باوجود کين سنڌ سرڪار سميت ڪنهن به سپورٽ نه ڪئي، جو هي ٽلينٽيڊ ٽيم گذريل سال آمريڪا نه وڃي سگهي هئي. ساڳي ئي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هن سال به کين ڪنهن به سپورٽ نه ڪئي، پر سنڌ مهراڻ لا ڪاليج جي ڊائريڪٽر راجا سجاد سموري ٽيم جو خرچ پنهنجي مٿان ڪري هن ٽلينٽيڊ ٽيم جي حوصلا افزائي ڪئي. هن ٽيم جي سپورٽ ڪري ثابت ڪيو آهي ته اسين سنڌ جي ٽيلينٽ جا حوصلا ڪڏهن به پست نه ٿيڻ ڏينداسين. آئون سوشل ميڊيا جي سوشل ايڪٽوسٽ دوستن کي گذارش ٿو ڪريان ته هن سنڌ جي اڀرندڙ ٽيلينٽ جي حوصلا افزائي لاءِ سوشل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي کين ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته هنن جي حوصلا افزائي ڪرڻ سان سنڌ جي ڪافي ٽيليٽيڊ شاگردن جي حوصلا افزائي ٿي سگهي ٿي، هنن کان علاوه ٻيا شاگرد به سنڌ سميت ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهندا. اوهان پيارن لاءِ نيڪ تمنائون ۽ دعائون ته شال آمريڪا ۾ به سنڌ جو نالو ڪري خير سان وڃو ۽ خير سان پنهنجي وطن واپس اچو. … (فيس بوڪ تان ورتل)