ڪينبرا(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر جيسن گليسپي جو پاڪستاني ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ ويسٽرن آسٽريليا جي ٽيم کان الڳ ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي، ميڊيا رپورٽس موجب اڳوڻو آسٽريلوي فاسٽ بالر قومي ٽيم جي ڪوچنگ ۾ دلچسپي رکي ٿو، ميڊيا جو به چوڻ آهي ته جيسن پاڪستان ٽيم جي ڪوچنگ لاءِ مضبوط اميدوار آهي، جڏهن ته بورڊ سان رابطن جي ڪري اميد ڪئي پئي وڃي ته هو جلد قطعي فيصلو ڪري وٺندو، واضح رهي ته جيسن گليسپي ويسٽرن آسٽريليا سان ڪوچنگ جو ٻن سالن جو معاهدو ڪيو هو.