لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڪرڪيٽرن جي عالمي فيڪا جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، خانگي ٽي وي موجب پي ايس ايل، انڊين پريميئر ليگ سميت ٻين ليگز ۾ رانديگرن جي ادائيگي واري معاملي تي بيان ڪندي چيو ته گذريل 24 مهينن دوران ليگز ۾ ادائيگين ۾ بي ضابطگي سامهون آئي آهي. فيڪا جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي ايس ايل ۽ آءِ پي ايل سميت ڪيترن ئي ليگز ۾ ادائيگين جي معاملي تي شڪايتون مليون آهن. جنهن تي پي سي بي جو چوڻ آهي ته فيڪا جي رپورٽ ۾ غلط چيو ويو آهي، فيڪا کي تحريري طور تي رپورٽ تي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته گذريل 2 سال ڪم ڪيو سمورن 9 ايڊيشنز ۾ ادائيگين جي دير جو ڪو به معاملو ناهي ٿيو.