ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ فريدآباد سميت ڪاڇي جا 10 يونين ڪائونسلن جا سوين ڳوٺ پاڻي ھيٺ آھن، 28 ڏينھن گذرڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آهي، جڏھن ته  سپريو بند ، ايم اين وي ۽ ايف پي بندن تي ويٺل ماڻھو اڃ ۽ بکن ۾ پاھ ٿي رھيا آھن، پيئڻ جو صاف پاڻي نه ھجڻ سبب ڳوٺن توڙي بندن تي ويٺل ماڻھن ۾ گيسٽرو توڙي چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن پر صحت کاتي ڪو به تحرڪ ناھي ورتو، جڏهن ته ميھڙ شھر مان نڪرندڙ 4 لنڪ روڊ به بحال نه ٿي سگھيا آھن،جنهن سبب  شھر ۾ سبزي توڙي عام واھپي جون شيون اچڻ مشڪل بڻجي ويون آھن. ٻي طرف عدالتي حڪم بعد  ڊي سي دادو پاران ميھڙ ۾ ٽينٽ سٽي ٺاھي ھاءِ  وي توڙي روڊن جي پاسي تي کلي آسمان ھيٺ ويٺل ماڻھن کي ٽينٽ سٽي ۾ منتقل ڪرڻ وارو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آھي، انڊس ھاءِ  وي تي سٽي ھوٽل ڀرسان ٺاھيل ٽينٽ سٽي ۾ ھن وقت تائين  70 خيما لڳائي ڪجھه ٻوڏ متاثر ماڻھو منتقل ڪيا ويا آھن پر ٽينٽ سٽي ۾ پاڻي توڙي واش روم جي ڪا به سھولت ناھي.