سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ گٽڪو واپرائڻ سبب وات جي ڪينسر ۾ مبتلا نوجوان پرين جتوئي زندگي جي جنگ هارائي ويو، فوتي نوجوان جڳ مشهور شاعر مرحوم ارشاد ساگر جتوئي جو ڀائيٽو ۽ علي محمد جتوئي جو پٽ هو، نوجوان پرين جتوئي  ڪيترن ئي مهينن کان وات جي ڪينسر جهيڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري انتهائي اذيت واري زندگي گذاري رهيو هو، ڊاڪٽرن پاران کيس لاعلاج قرار ڏيڻ بعد هو ڪجهه مهينن کان گهر ۾ کٽ داخل ٿي زندگي جا ڏينهن ڳڻي رهيو هو ۽  رات دير سان گهر ۾ ئي دم ڏنائي. نوجوان کي ٻن نياڻين جو اولاد پڻ هو.