ٺل (ن پ ا) سيشن جج جيڪب آباد عبدالغفور ڪلهوڙو, سول جج محمد رمضان ڪلهوڙو واٽر سپلاءِ ۾ ويٺل برسات متاثرن جي ڪئمپ جو دورو ڪيو، جتي سيشن جج آڏو برسات متاثرن راشن ۽ خيما نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون. سيشن جج مختيارڪار ٺل ۽ اي سي ٺل کي هدايتون ڪيون ته برسات متاثرن کي راشن ۽ خيما ٻن ڏينهن اندر ڏنا وڃن.  ان موقعي تي سيشن جج آڏو متاثرن ڳوٺن مان به پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جون دانهون ڪيون، جج اي سي کي سختي سان هدايت ڪئي ته 5 ڏينهن ۾پاڻي نيڪال ڪرايو، ڪنهن به وقت پهتس ۽ ڪم نه ٿيل هوندو ته اوهان خلاف قانوني ڪاروائي ڪندس.سيشن جج تعلقه اسپتال جو دورو ڪيو، جتي مريضن دوائون نه ملڻ ۽ علاج نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون، سيشن جج مسٽرول ڏٺو ته ايم ايس ٺل سميت 7 ڊاڪٽر غير حاضر هئا، جن خلاف سيشن جج نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ايمبولينس خراب هجڻ بابت غلط بياني ڪرڻ تي سيشن جج اسٽور ڪيپر شفقت گولو کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ٻن هفتن کان ايمبولينس خراب بيٺل آهي جتي مريضن کي انتهائي تڪليف سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي وري مٿان اوهان غلط بياني ڪري رهيا آهيو هليا وڃو هتان. ان موقعي تي اسٽور روم جي دوري دوران مليريا بخار سميت ٻين دوائن جي کوٽ هجڻ تي اسپتال جي عملي کي ڇنڊ پٽيندي ٻن ڏيهن اندر مليريا سميت ٻيون دوائون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڪيو.