راچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ ۾ ترقي جي انتظار ۾ ويٺل ڪامورن جون اي سي آرز مڪمل ڪرڻ واري ذميواري لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين حوالي. اي سي آر نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي ڪامورن جون ترقيون روڪڻ وارو معاملو عدالت پهچڻ بعد سنڌ جي چيف سيڪريٽري سروسز، تعليم، صحت، لائيو اسٽاڪ، ليبر، اينٽي ڪرپشن، صنعتن، آبپاشي، عشر زڪوات ۽ اوقاف، جهنگلي جيوت، اقليتي معاملن سميت ٻين کاتن جي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آھي ته ملازمن ۽ ڪامورن جي اي سي آر ٺاهڻ واري ذميواري هاڻ لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين کي سونپي وئي آھي. واضح رهي ته سنڌ جي مختلف کاتن جي اختيارين پاران ڪامورن کي ترقين واري ڊوڙ مان ٻاهر ڪڍڻ ۽ ترقين ۾ من پسندن کي نوازڻ وارا سوين معاملا سروسز کاتي وٽ شڪايتن جي صورت ۾ پيل آھن. جڏھن ته اهو معاملو عدالت پڻ پهتو هو، جنهن بعد چيف سيڪريٽري پاران ڪامورن جون اي سي آرز مڪمل ڪرڻ جي ذميواري لاڳاپيل سيڪريٽرين کي سونپي چتاءُ ڏنو آھي ته ڪنهن به ملازم جي ترقي لاءِ اي سي آر مڪمل نه هجڻ ۽ ترقي رڪجڻ جا ذميوار کاتن جا سيڪريٽري هوندا.