لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهر مان ٿيل چوري جي معاملي تان گهر تي حملو، فائرنگ ۾ 2 ورهين جو معصوم نينگر گولين جو کاڄ بڻجي ويو، سندس والد زخمي، هڪ جوابدار گرفتار. خبر موجب ڳوٺ نائچ ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ چوري جي معاملي جي هلندڙ تڪرار تان هٿياربندن گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ورهين جو مير حسن ۽ سندس پيءُ برڪت خان جتوئي سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرن نينگر مير حسن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي فوتي نينگر جي امڙ طاهره خاتون جتوئي ٻڌايو ته سندس مڙس جي سئوٽن ضمير ۽ منير جتوئي ٻه ڏينهن اڳ اسان جي گهر مان چوري ڪئي هئي، جنهن معمولي ڳالهه تان ڪالهه فائرنگ ڪري معصوم پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف رشيد وڳڻ پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو چوري معاملي تان ٿيو آھي، جنهن جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، پوليس موجب واقعي ۾ ملوث مک جوابدار منير جتوئي کي موقعي تي ڪاروائي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي، وارثن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪيو ويندو. ٻئي طرف معصوم نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.