ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾ ايس پي سطح جي آفيسرن جون بدليون، آءِ جي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايس پي جاچ ڪورنگي سيد سلمان حسين کي بدلي ڪري ايس پي ٽريفڪ ملير مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ايس پي ڪمپلينٽ سيل اوڀر محمد زبير کي بدلي ڪري ايس پي جاچ ڪورنگي مقرر ڪيو ويو ، سي پي او ۾ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 18هين گريڊ جي آفيسر شاھد ميان کي ايس پي ڪمپلينٽ سيل اوڀر مقرر ڪيو ويو آهي