برمنگهم (اسپورٽس نيوز) ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستان هاڪي ٽيم کي آسٽريليا 0-7 گولن تان شڪست ڏئي ميڊلز جي ڊوڙ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ يونيورسٽي آف برمنگهم هاڪي سينٽر ۾ راند جي شروع ۾ ته پاڪستاني رانديگرن ڪافي جارحاڻي مزاج ۾ نظر آيا ۽ شروعاتي 8 منٽن ۾ حريف جي گول پوسٽ تي 3 ڀيرا اٽيڪ ڪيو پر انهن حملن کي گول ۾ تبديل نه ڪري سگهيا. ٻارهين منٽ ۾ آسٽريليا کي بليڪ گروورز گول ڪري برتري ڏياري جڏهن ته ٻئي ڪوارٽر جي گڏيل طور تي 19 هين منٽ ۾ جرمي هيورڊ مقابلي 0-2 ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ٽئين ڪوارٽر ۾ جرمي هيورڊ هڪ ٻيو گول ڪيو، 2 منٽڻ کانپوءِ ئي ٽام وڪ هم اسڪور 0-4 ڪيو، چوٿين ڪوارٽر ۾ وڪ هم ٻيو ۽ ٽيم جو پنجو گول اسڪور ڪيو، جيڪب اينڊرسن ڇهون ۽ نيٿن افرامس ستون گول ڪيو. اهڙي طرح پاڪستان 0-7 جي شڪست سان ميڊلز جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويو.