برمنگهم (اسپورٽس نيوز) برمنگهم ۾ جاري ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستاني ريسلرن زمان انور ۽ انعام بٽ فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته عنايت الله سيمي فائينل ۾ شڪست کانپوءِ برانز ميڊل لاءِ ميچ کيڏندو. ان سلسلي ۾ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ريسلر انعام بٽ 86 ڪلو گرام ۽ زمان انور 125 ڪلو گرام ڪيٽيگري جي فائينل ۾ پهچي ويا آهن. 86 ڪلو گرام جي سيمي فائينل ۾ انعام بٽ ڏکڻ آفريقي ريسلر کي شڪست ڏني. جڏهن ته  زمان انور انگلينڊ جي مڌير ڪونر کي شڪست ڏئي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.  ان کان اڳ 2018 يوٿ اولمپڪس جي برانز ميڊلسٽ عنايت الله 65 ڪي جي ويٽ ڪيٽيگري جي ڪوارٽر فائينل ۾ نائيجيريا جي ريسلر ايمز ڊينيئل کي ٻڙي جي مقابلي ۾ 4 تان شڪست ڏئي سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. ٻئي طرف 125 ڪي جي ويٽ ڪيٽيگري ۾ ڪوارٽر فائينل ۾ زمان انور ماريشس جي ريسلر ڪينسلي اينٿوني کي پهرين ئي رائونڊ ۾ آئوٽ ڪلاس ڪري سيمي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.