ٺل (ن پ ا)ٺل ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ سهولتون نه هجڻ خلاف رانديگرن جو احتجاج. نوٽيس وٺڻ جو مطالبو . ان سلسلي ۾ ٺل ۾ رانديگرن باجو دشتي، ڊاڪو ٻرڙو، مکڻو ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گرڊ اسٽيشن کان احتجاجي مظاهرو ڪري ڊاڪٽر سهراب سرڪي ڪرڪيٽ گرائونڊ آڏو نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙ مظاهرين چيو ته ڪرڪيٽ گرائونڊ منظور ته ٿيو پر ان جو ڪم مڪمل ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري رانديگرن کي انتهائي تڪليف سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي هنن چيو ته گرائونڊ جو ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏي گم ٿي ويو آهي جنهن ڪري هتان جا رانديگر راند نه ٿا ڪري سگهن هنن گهر ڪئي ڪرڪيٽ گرائونڊ جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.