برمنگهم(اسپورٽس نيوز) ڪامن ويلٿ گيمز ۾ وومينز ڪرڪيٽ ۾ انگلينڊ وومين ٽيم ڏکڻ آفريڪا وومين کي 26 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. انگلينڊ وومين ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 167 رنز ٺاهيون. ڏکڻ آفريڪا طرفان شبنيم اسماعيل 2 وڪيٽون ورتيون. اليس ڪيپسي 50، ڪيٿرين برنٽ 38 ۽ ايمي جونيس 36 رنز ٺاهي نمايان رهيون. ڏکڻ آفريڪا وومين ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 141 رنز ٺاهي سگهي. لارا  وولواردت 41، تزمين برٽس 38 رنز ٺاهي نمايان رهيون.