دبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ سپر ليگ ۾ بيٽسمينن يج فهرست ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم جي حڪمراني برقرار آهي. آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ سپر ليگ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم سڀ کان وڌيڪ 1083 رنز ٺاهيون آهن جڏهن ته ان کانپوءِ آئرلينڊ جي پال اسٽرلنگ 916 ۽ هيري ٽيڪٽر 856 رنز ٺاهي ترتيبوار ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي موجود آهن. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپنر امام الحق 797 رنز ٺاهي چوٿين نمبر تي آهي جڏهن ته ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر شائي هوپ 7962 رنز سان پنجين پوزيشن تي قابض آهي.