برمنگهم(اسپورٽس نيوز) برمنگهم ۾ جاري ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستاني باڪسر الياس حسين فيڊر ويٽ جي ڪوارٽر فائينل ۾ پهچي ويو آهي. الياس حسين ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو جي باڪسر کي 3-2 تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائينل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. فيدر ويٽ جي ڪوارٽر فائينل ۾ الياس حسين جو مقابلو ناردارن آئرلينڊ جي باڪسر سان ٿيندو.