لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) 17 سالن کانپوءِ پنهنجي سرزمين تي انگلينڊ جي ميزباني جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 7 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز 20 سيپٽمبر کان 2 آڪٽوبر تائين ڪراچي ۽ لاهور ۾ کيڏي ويندي. پي سي بي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سيريز جون شروعاتي 4 ميچون نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيون وينديون، جيڪي 20، 22، 23 ۽ 25 سيپٽمبر تي شيڊيول آهن، جڏهن ته باقي 3 ميچز 28، 30 سيپٽمبر ۽ 2 آڪٽوبر تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيون وينديون. سموريون ميچز پاڪستاني وقت موجب شام 7:30 وڳي شروع ٿينديون. ٻئي ٽيمون 3 ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ ٻيهر ڊسمبر ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ڊائريڪٽر انٽرنيشنل پي سي بي ذاڪر خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي مصروف هوم انٽرنيشنل سيزن جي شروعات انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪراچي ۽ لاهور آمد سان ٿي رهي آهي. آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان اڳ دنيا جي بهترين سائيڊ خلاف 7 ميچز جي سيريز کيڏڻ سان قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي ميگا ايونٽ جي تيارين ۾ مدد ملندي.