دبئي(اسپورٽس نيوز) ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل (اي سي سي) ايشيا ڪپ 2022ع جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون 28 آگسٽ آچر تي دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل جي صدر جي شاهه تصديق ڪئي آهي ته ٽورنامينٽ جي مڪمل شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي، ميگا ايونٽ جي افتتاحي ميچ 27 آگسٽ تي سريلنڪا ۽ افغانستان وچ ۾ کيڏي ويندي. ايشين ٽائٽل تي حڪمراني جي جنگ 27  آگسٽ کان شروع ٿيندي، ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون گروپ اي ۾ شامل آهن جن کي ٽئين ڪواليفائر ٽيم جوائن ڪندي. گروپ بي ۾ سريلنڪا، بنگلاديش ۽ افغانستان شامل آهن. جڏهن ته ايونٽ جي فائينل ميچ دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ 11 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي. روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2021ع کان پوءِ پهريون ڀيرو آمهون سامهون ٿينديون، ايونٽ ۾ قومي ٽيم ڀارت کي 10 وڪيٽڻن تان شڪست ڏني هئي.