ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جو سينيئر  اڳواڻ ڪامران ٽيسوري ٻيھر پارٽي ۾ شامل ٿي ويوـ کيس ڊپٽي  ڪنوينر جي عھدي تي بحال پڻ ڪيو ويو ـ ايم ڪيو ايم ترجمان موجب ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو اجلاس خالد مقبول صديقي جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنهن ۾  ڪامران ٽيسوري ۽ اڳوڻي ٽائون انچارج شھزاد کي ساٿين سميت پارٽي ۾ شموليت تي خوش آمديد چيو ويوـ جڏهن ته ڪامران ٽيسوري کي ڊپٽي  ڪنوينر جي عھدي تي بحال ڪري عبدالوسيم ۽ خواجا اظهار الحسن کي به ڊپٽي  ڪنوينر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته رابطا ڪاميٽي ۾ رئوف صديقي ـ ڊاڪٽر صغير ـ وسيم آفتاڀ ـ سليم تاجڪ ۽ صادق افتخار کي شامل ڪيو ويو