جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ پراڻ ڍوري کي لڳل ٻن گهارن مان هڪ گهارو ٻڌجي ويو، ٻيو گهارو اڃا تائين کليل، بند ڪرڻ جو ڪم جاري، خبر موجب جهڏو شهر مان گذرندڙ پاڻي جي قدرتي لنگھه پراڻ ڍوري کي درگاهه ملوڪ شاهه وٽان لڳل 500 فوٽ گهارو شهرين ڏينهن رات محنت ڪري 16 ڏينهن بعد ٻڌي ورتو، جڏهن ته پراڻ ڍوري کي 316 بند وٽان لڳل گهارو 11 ڏينهن گذرڻ باوجود بند نه ٿي سگهيو آهي، ڄاڻايل گهارو ٻڌڻ لاءِ ڪم ڪندڙ شهرين ۽ آبادگارن جو چوڻ آهي ته گهاري کي ٻڌڻ لاءِ آبپاشي کاتو سهڪار نه پيو ڪري، اسان وٽ ليبر تمام گهٽ آهي، جنھن سبب گهارو ٻڌڻ ۾ وقت لڳي رهيو آهي، هوڏانهن گهارو بند نه ٿيڻ ڪري پاڻي سامارو روڊ ڪراس ڪري شهر جي اوڀر وارين ڪالونين ۾ داخل ٿي رهيو آهي،