ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر جي سول جج ڪرم علي شاهه جي عدالت ڪارونجهر جبل جي کارسر ۽ چڻيندا وٽان پٿرن  جي ڪٽائي روڪڻ بابت پنهنجو جاري ڪيل آرڊر واپس وٺي ڇڏيو آهي، عدالت پنهنجي جاري ڪيل ٻن صفحن جي آرڊر ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪارونجهر جبل بابت ايف ڊبليو او ۽ ڪوهه نور وارن جو معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ هلندڙ آهي، ان ڪري عدالت پنهنجو 25 مئي وارو جاري ڪيل حڪم واپس وٺي ٿي، عدالت پنهنجي جاري ڪيل آرڊر ۾ چيو ته وڪيل اڳواڻ غلام مصطفيٰ هنڱورجو پاران غلط پروپيگنڊا ڪرڻ، آڊيوز جاري ڪرڻ، سوشل ميڊيا جي مختلف اڪائونٽس وسيلي ٻڌڻي ۾ مداخلت ڪرڻ عدالت جي عزت جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، عدالت پنهنجي آرڊر ۾ لکيو آهي ته غلام مصطفيٰ هنڱورجو جهڙا وڪيل پهرين ڪيس داخل ڪن ٿا ۽ پوءِ ذاتي مفادن خاطر ٺاهه ڪن ٿا ۽ وڪالت جي پيشي جو غلط استعمال ڪري اهم عوامي مسئلن کي غير سنجيدهه بڻائين ٿا،  هن ڪارونجهر ڪٽڻ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ سي پي داخل ڪئي ۽ ذاتي سبب ڄاڻائي واپس ورتي، عدالت طرفان جاري ڪيل آرڊر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته  غلام مصطفيٰ هنڱورجو پنهنجن ساٿين سان گڏجي عدالت خلاف آڊيوز ٺاهي سازش ڪئي آهي ۽ عدالتي ڪاروائي ۾ مداخلت ڪئي آهي، ان ڪري سرڪل انچارج ايف آءِ آي حيدرآباد 15 ڏينهن ۾ انڪوائري ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري، واضع رهي ته ننگرپارڪر جي سول جج طرفان 25 مئي تي  ڪارونجهر جبل  جي پٿر ڪٽڻ تي پابندي ۽ ڪارونجهر ڪٽڻ واري مشينري ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، هوڏانهن ايڊوڪيٽ غلام مصطفيٰ هنڱورجو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ان قسم جو ڪو به اشو نه آهي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ ۾ ڪارونجهر ڪٽائي خلاف مون خود سي پي داخل ڪئي هئي، ان وقت ڪارونجهر جو اشو انتهائي اڀريو هو، جنهن ڪري مون فوري پٽيشن داخل ڪئي هئي، ان ۾ منهنجي سينيئر وڪيلن تبديلي ۽ بهتر ڪري داخل ڪرڻ جو چيو هو، ان ڪري ان تان هٿ کڻي مون ٻي پٽيشن داخل ڪرائي جيڪا هلندڙ آهي، ان ۾ ڪارونجهر کي ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪرڻ سميت ڪارونجهر سان لاڳاپيل مختلف کاتن کي ڌر طور شامل ڪيو آهي، جڏهن ته هن کان اڳ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن طرفان سول جج جي رويي خلاف ٺهراءُ پڻ پاس ڪيو هو،