ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ گيسٽرو، ڊينگي، مليريا ۽ ٻين بيمارين وگهي وڌيڪ 9 ٻارڙن سوڌو 14 ڄڻا فوت، 150 کان وڌيڪ اسپتال ڀيڙا، خبر موجب شھدادڪوٽ جي رليف ڪيمپن ۽ خيمن ۾ ترسيل 4 ٻارڙا گيسٽرو، گرمي ۽ مليريا سبب فوت ٿي ويا، ڳوٺ دلمراد لھر واسي نينگري ڦوٽان لھر گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي، موٽروي روڊ تي خيمن ۾ ترسيل قبو سعيد خان جي ٻوڏ متاثر 8 سالا عرفان گرگيج گرمي لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو، ڪچي پل جي رھواسي نور احمد کوسو جي 7 سالن جي ڌيءُ مليريا سبب فوت ٿي وئي، قبو سعيد خان جو رھواسي 6 سالن جو ذڪاءَ الدين فوت ٿي ويو، خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ ستاڻي چانڊيو واسي 80 سالا اميربخش چانڊيو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو، ڀرياسٽي جي وارڊ 2 واسي بشير احمد شيخ جو ٻن سالن جو پٽ عبدالرحمان شيخ گيسٽرو وگھي حياتي وڃائي ويٺو، احمد پور لڳ ڳوٺ متاڻي شيخ ۾2 گهر ڀاتي 40 سالن جو مظھر الدين شيخ ۽ مومنت خاتون شيخ گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڳوٺ مور جھٻر شيخ واسي بچاءُ بند تي ويٺل ٻوڏ متاثر  پيرسن عورت حليمان شيخ ۽ ٽن ورهين جي حاجاڻي ڌيءَ اسد شيخ به حياتي وڃائي ويٺيون، علائقي واسين موجب 150 کان وڌيڪ ماڻهن کي گيسٽرو سبب اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ گوارڻ ۾ ڊينگي بخار وگهي 2 ڀينرون فوت ٿي ويون، فوتين ۾ 19 ورهين جي شادي شده ناري سمترا زال نندلال ميگهواڙ ۽ 18 ورهين جي سيتا زال سادونت ميگهواڙ شامل آهن، ڇاڇري ويجهو ڳوٺ مٺڙيو موڙ جو رهواسي فرسٽ ايئر جو شاگرد 16 ورهين جو نندلال پٽ سروڻ ميگھواڙ تيز بخار سبب فوت ٿي ويو، وارثن ٻڌايو ته شاگرد جو حيدرآباد، عمرڪوٽ سميت مختلف اسپتالن مان علاج ڪرايو پر طبيعت بهتر نه ٿي سگهي، ڊاڪٽرن پاران ڊينگي بخار جو پڻ شڪ ظاهر ڪيو ويو هو، شاگرد جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن وارهه ۾ 6 ورهين جي راحيلا گورگيج بيماري وگهي فوت ٿي وئي،