”ڪارونجھر بچايو“ ھڪ تجويز

0
168
”ڪارونجھر بچايو“ ھڪ تجويز

 ڪارونجھر ڪو عام جبل ناھي، ھيءُ ھزارين انسانن، لکين جانورن، پکين پکڻن ۽ جيت جڻين جي جياپي جو ذريعو، سنڌ جي سونھن، تاريخي اھڃاڻ ۽ ثقافتي ورثو آھي. مالي مفادن جي حرص ھَوس ۾ مبتلا حڪمرانن ۽ نام نھاد چونڊيل نمائندن مان ڪنھن به چڱائيءَ جي اميد رکڻ بدران ڪارونجھر جي تحفظ لاءِ ھر سطح تي اثرائتو آواز اٿارڻ جي ضرورت آھي.  ان سلسلي ۾ ھڪ تجويز ھيءُ به آھي ته ھن ڀيري، مھيني کن کان پوءِ، وسڪاري ۾ ٿر گھمڻ لاءِ ايندڙ سياحن کي اپيل ڪجي ته اھي ”ڪارونجھر بچايو“ (SAVE KAROONJHAR) وارا پوسٽر پاڻ سان گڏ کڻي ٿر ۾ داخل ٿين ته جيئن ڪارونجھر جي ڪٽائي بند ڪرائي، ان کي عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏياري، ھر قسم جي ھٿچراند کان بچائي سگھجي. #SaveKaroonjhar……. (فيس بوڪ وال تان ورتل)