اشو آف دي ڊي واپڊا کي ختم ڪري، بجلي جي پيداوار ۽ ورهاست تي صوبن کي مڪمل اختيار ڏنو وڃي

0
125
اشو آف دي ڊي واپڊا کي ختم ڪري، بجلي جي پيداوار ۽ ورهاست تي صوبن کي مڪمل اختيار ڏنو وڃي

 بجلي جي پيداوار ۽ ورهاست جو صوبن کي اختيار ڏيڻ جو سوشل ميڊيا تي مطالبو ڪيو ويو، ان حوالي سان شبير پياڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته واپڊا کي ختم ڪري، بجلي جي پيداوار ۽ ورهاست تي صوبن کي مڪمل اختيار ڏنو وڃي جنهن تي افضل نظاماڻي لکيو ته يو اي اي ۾  هر رياست وٽ بجلي ۽ پاڻي وسيلن جي سنڀال جو پنهنجو پنهنجو طريقو آهي. محمد اسحاق نظاماڻي لکيو ته سولر پليٽون اچڻ کان پوءِ بجلي جو مسئلو ختم…بس رڳو ماڻھو مون وانگر ٽيڪنيڪل ھجي، اعجاز انڙ لکيو ته ارڙهين ترميم ۾ سڀ مليل آهي مسئلو وٺڻ جو آهي اها تڪليف ڪير ڪري؟ سيد فدا حسين شاهه، خان محمد، غلام نبي جروار، حسن شيخ ۽ اعجاز نظاماڻي اهڙي مطالبي سان اتفاق ڪيو، حيدر علي لکيو ته نظام ڪھڙو به ھجي جيستائين بجلي سستي نه ٿيندي ۽ ان ۾ ڪرپشن ختم نه ٿيندي، توانائي بحران ختم نه ٿيندو، ثناءُالله کٽي لکيو ته ڳالھه ڀلي آهي پر ٿئي ھن ملڪ ۾ ائين ڪڏھن به نه ٿو،

رئوف عباسي لکيو ته اها بجلي به نه ملي، حسن شيخ لکيو ته پ پ پ جي سنڌ حڪومت قائم علي شاھ جي وقت کان اھا گھر ڪندي پئي اچي پر وفاق ، واپڊا ۽ سپريم ڪورٽ ان تي راضي ناھن. ان جي اصل وجهه اھا آھي جو ائين سنڌ ۾ بجلي سستي ٿي ويندي ۽ لوڊ شيڊنگ به ختم ٿي ويندي، ڇو جو سنڌ پنھنجي ضرورت کان پنجوڻ تي بجلي پيدا ڪري رھي آھي، جيڪا ھن وقت لاھور ۽ ملتان جي صنعتن کي ڏني ويندي آھي. سرمد راڄپر ۽ صمد اي نظاماڻي به سروي ۾ حصو ورتو، علي گوهر لکيو ته ائين ڪڏهن نه ٿيندو، شاهد علي راڄپر لکيو ته سٺي صلاح آهي، غلام حسين گلڙي لکيو ته صوبائي اسمن جي به ساڳئي صورتحال آھي، عبدالرحمان پيرزادو لکيو ته بجلي، گئس، تعليم، صحت، پاڻي ۽ نڪاسي، صفائي سٿرائي، بازر ۽ امن امان مڪمل طور مڪاني ذميواريون ھجڻ گهرجن. فاروق احمد لکيو ته ائين ٿيو ته سال اندر سنڌ مان بجلي غائب ٿي ويندي ڪٿان ٿي ھنن کان بجلي ھلي، ھنن پنهنجا ادارا تباهه ڪري ڇڏيا آهن بجلي هنن کي ملي ته مخالفن جي بجلي ڪٽي ڇڏيندا. ديدار احمد لکيو ته پوءِ به سنڌ وارا ويل ۾ هوندا.