کڏڙو (ن پ ا)کڏڙو ۾ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، 3 ڄڻن کي حالت ڳڻتي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال نيو ويو. ان سلسلي ۾ رات دير سان سانگھڙ نوابشاهه مين روڊ تي کڏڙو جي بس اسٽاپ وٽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون زودار ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ ٻنھي موٽر سائيڪلن تي سوار 5 ڄڻا کڏڙو جا رھواسي فقير محمد ملڪ، سجاد چانگ، چڪ 30 جمڙائو جا رھواسي رمشي ڪولھي، سترام ۽ وشرام ڪولھي سخت زخمي ٿي پيا، زخمين مان 3 ڄڻن جي حالت انتھائي ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب نوابشاهه اسپتال نيو ويو، 2 زخمين کي مقامي اسپتال پھچايو ويو.