گلاب لغاري (ن پ ا) گلاب لغاري ۾ رات دير ان جمالي ۽ شاھاڻي برادري جي ماڻھن ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو. ان دوران لوهي سريا ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 5 ڄڻا اشفاق علي، ساجد علي، اشتياق علي شاھاڻي، محمد صديق جمالي ۽ عثمان جمالي شديد زخمي ٿي پيا. گلاب لغاري پوليس ٿاڻي تي ٻنھي ڌرين جي رپورٽ درج ڪري ورتي آهي. ابراھيم جمالي موجب پوليس عثمان، صديق، محمد، مھتاب ۽ لقمان سميت ستن ڄڻن کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي. رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ فياض ٻرڙو ٻڌايو ته شاھاڻي برادري جي ماڻهن ۾ تاءُ سبب جمالي برادري جي ڪجھه ماڻهن کي تحفظ خاطر ٿاڻي اندر وھاريو آهي. جھيڙي کي ٽارڻ لاءِ اھو قدم کنيو آهي. ٽن زخمين کي رورل ھيلٿ سينٽر ٽنڊو غلام علي روانو ڪيو ويو آهي.