همايون شريف ۾ هٿياربندن هٿان هڪ قتل، 2 زخمي

0
222
ڪراچي: اورنگي ٽائون

همايون شريف (ن پ ا) همايون شريف ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه تي مخولپور پوليس چوڪي وٽ نامعلوم هٿياربندن موٽر سائيڪل سوارن مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، گوليون لڳڻ سبب اعجازڀٽو مارجي ويو جڏهن ته2 ڄڻا علي نواز ڀٽو ۽ محمد موسيٰ ڀٽو سخت زخمي ٿي پيا، زخمين مان علي نواز ڀٽو جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان محمد موسي ڀٽو ٽائٔيم نيوزسان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان ٽنهي جو تعلق شڪارپور شهر سان آهي، ۽ اسان جو سيانچ برادري سان زمين جي معاملي تي تڪرار هلندڙ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سيانچ برادري جي ماڻهن اسان مٿان قاتلاڻوحملو ڪيو.