مورو (ن پ ا) مورو باءِ پاس تي فوڊ انسپيڪٽر علي نواز ميمڻ جي ڪارروائي، ڪڻڪ سان ڀريل 5 ڏهه ويلر ۽ ٻن 22 ويلرن کي پڪڙي ورتو، پڪڙيل ستن گاڏين ۾ 16 سو ڪڻڪ جون ٻوريون ھيون جيڪي ڪشمور، ڪنڊيارو ۽ مورو کان ڪراچي منتقل ڪري رھيا ھئا جن کي مورو فوڊ گودام تي آڻي ڪڻڪ جون ٻوريون ضبط ڪري لاٿيون ويون. ان موقعي تي فوڊ انسپيڪٽر علي نواز ميمڻ چيو ته ڊپٽي ڪمشنر طرفان ڪڻڪ جي ضلعي بدر تي پابندي لاڳو ٿيل آھي ۽ ڊي ايف سي طرفان پڻ سختي سان ھدايتون ڏنل آھن پر واپاري ڪڻڪ ٻاهر موڪلي رھيا آھن جن خلاف ڪارروايون جاري آھي، اسان کي ھڪ لک کان مٿي ٽارگيٽ مليل آھي جنھن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪارروايون جاري آھن. ھن چيو ته واپارين کي گھرجي ته اھي اسان سان سهڪار ڪن ته جيئن مليل ٽارگيٽ پورو ڪري سگھجي.