ڄام نواز علي (ن پ ا) ڄام نواز علي لڳ ٻيراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حمل مري ۾ گذريل ڏينهن گٽر جي نالي جي تڪرار تان مامي هٿان قتل ٿي ويل علي مراد مري جو قتل ڪيس سندس ڀاءُ علي نواز مري جي فرياد تي ٻيراڻي ٿاڻي تي گناهه نمبر 15/2021 قلم 302 تحت مامي غلام عباس مري، اشرف مري، فيض محمد مري، احمد مري خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرائي ورتو آهي ٻيراڻي پوليس ڪيس درج ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا، جوابدار ڌر گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته واقعي واري هنڌان ٻيراڻي پوليس قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل مک جوابدار غلام عباس مري کي اڳ ئي گرفتار ڪيو هو ٻئي طرف مقتول جي گذريل رات دير سان جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. رابطو ڪرڻ ته ٻيراڻي پوليس ٻڌايو ته قتل ڪيس مقتول جي ڀاءُ جي فرياد تي چئن ڄڻن تي درج ڪيو آهي وڌيڪ قتل ڪيس جي جاچ ڪريون پيا جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا آهن، اتان جوابدار فرار ٿي ويا آهن جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري وٺنداسين.