کڏڙو (ن پ ا) خوراڪ کاتي پاران کڏڙو ڪڻڪ خريداري سينٽر تي مقرر فوڊ انسپيڪٽر جي ڊيوٽي مبينا طور سندس پٽ ڪرڻ لڳو، ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ھٿ ڪرڻ جي آڙ ۾ عام شھرين جي گھرن ۽ دڪانن ۾ ڪاهه ۽ شھرين سان بداخلاقي ڪرڻ جا الزام. ان سلسلي ۾ شھرين شان ملڪ، محمد وارث ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته فوڊ انسپڪٽر جي پٽ پاران اسان جي گھرن ۽ دڪانن تي ڪاهه ڪري تلاشيون ورتيون پيون وڃن روڪڻ تي بد اخلاقي ڪئي پئي وڃي. ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته انھيءَ خانگي ماڻھو خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.