ڪجهه ماڻھن اي سي سان پيش آيل واقعي کي غلط رنگ ڏنو:فردوس عاشق اعواڻ

0
425

لاھور (بيورو رپورٽ) سيالڪوٽ ۾ عورت اي سي سان پيش آيل واقعي کي غلط رنگ ڏنو ويو، ڪجهه ماڻهو آفسر شاهي ۽ حڪومتي ادارن ۾ ٽڪراءُ جي سازش ڪري رهيا آهن، پنجاب جي وڏي جي خصوصي معاون فرودس عاشق اعواڻ سيالڪوٽ ۾ عورت اي سي سان بدمتيزي واري واقعي تي چيو آهي ته چيف سيڪريٽري پنجاب آڏو حقيقتون ٽوڙي مروڙي پيش ڪيون ويون، افسر شاهي ۾ گرمي ۽ تڪليف برداشت ڪرڻ جي سگهه هجڻ گهرجي، آئون پاڻ به عورتن جي حقن لاءِ جنگ وڙهندي رهي آهيان، ڪالهوڪي واقعي ۾ عوامي رليف جي حوالي سان بد اتنظامي ٿي، اسان عوامي رليف کي ترجيح ۾ رکيو..