چوٽياريون (ن پ ا) چوٽياريون لڳ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تيار ٿيل سم نالو ابتو وھڻ لڳو، علائقي واسين جي سوين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي، چوٽياريون کان کپرو روڊ تي ٽنڊومٺاخان لڳ واقع سم نالي جي موري تي ٽنڊو مٺا خان ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن سيد جاني شاهه، سيد مرتضيٰ شاهه، سيد شفيع شاهه، مير حسن جانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاھرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان کي سم نالو ٺاھي ڏنو ويو ته ان مان اسان کي ۽ اسان جي علائقي کي فائدو ملندو پر سم نالو فائدو پھچائڻ بدران ابتو نقصان ڏئي رھيو آهي، ڪيترائي ڪروڙ رپيا خرچ ڪري سم نالو تيار ڪيو ويو پر ٺيڪيدارن جي ملي ڀڳت ۽ ناقص مشينري استعمال ڪرڻ سبب سم نالو ابتو وھڻ لڳو. ھنن وڌيڪ چيو ته سم نالي جي کوٽائي ڪري ٻيھر تعمير ڪيو وڃي ته جيئن اسان جون زمينون ٻيھر آباد ٿي سگھن.