کهڙا (ن پ ا) 4 ڏينهن اڳ درگاھ پير ڪٽڪپال بادشاهه تان مبينا طور اغوا ٿي ويل کهڙا واسڻ نوجوان ناري روبينا اڄڻ جو لاش ڪنڊيارو لڳ روهڙي ڪئنال مان هٿ اچڻ بعد لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ تي پوليس ۽ ايڌي سينٽر وارن ناري جو لاش لاوارث ڄاڻائي ڪنڊياري جي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏڻ بعد ناري جي ڀاءُ رب نواز اڄڻ جي فرياد تي مقتول ناري جي اغوا بعد قتل ڪرڻ جو ڪيس ڪوٽ ڏيجي ٿاڻي تي 4 نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته پوليس ناري جي قتل ۾ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پوليس شڪ جي بنياد تي درگاھ جي فقيرياڻي شهزادي کي حراست ۾ وٺي بيان وٺڻ بعد کيس آزاد ڪري ڇڏيو، اڄ ناري جي وارثن قبر ڪشائي ڪري لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ۽ لاش کي اباڻي شهر کهڙا ۾ دفنائڻ لاءِ ڪنڊياري جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي پر عدالت جو جج موڪل تي هئڻ سبب درخواست اڪلي نه سگهي، ان حوالي سان مقتولا ناري جي ڀاءُ رب نواز اڄڻ ٻڌايو ته اسان جي ڪنھن سان دشمني ناهي، ظالمن ظلم ڪري اسان جو گهر تباھ ڪري ڇڏيو آهي پر پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڀيڻ جي قبر ڪشائي لاءِ ٿاڻن ۽ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون، هن چيو ته اڄ ڀيڻ جي قبر ڪشائي لاءِ ڪوٽ ڏيجي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائينداسين.