ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ لڳ چنگچي رڪشا جي ٽڪر سبب شاخ ۾ ڪري فوت ٿيل نينگر جو لاش انڊس هاءِ وي تي رکي وارثن جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، ٽريفڪ معطل، خبر موجب ڳوٺ احمد آباد ۾ گذريل ڏينهن چنگچي رڪشا جو ٽڪر لڳڻ سبب نينگر رابيل گوپانگ شاخ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو هو، نينگر جي وارثن سڄڻ گوپانگ، سرور ۽ نادر گوپانگ جي اڳواڻي ۾ ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف نٽھڻ اس ۾ رتوديرو روڊ تي قادري شاخ بس اسٽاپ وٽ لاش رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي مظاهرين الزام هڻندي چيو ته امتياز گوپانگ وارن بيگناھ اسان جي معصوم نينگر کي چنگچي هڻي شاخ ۾ اڇلائي قتل ڪيو آهي، جنهن جو هن وقت تائين ڪيس داخل نٿو ڪيو وڃي، هنن چيو ته ڪيس داخل نه ٿيڻ تائين نينگر جو لاش نه دفنايو ويندو، بعد ۾ ڌرڻي واري هنڌ گوپانگ برادري جي معززن حاجي ثناءُ الله گوپانگ، عبدالقادر گوپانگ ۽ نادرحسين گوپانگ پهچي سندن ڳالھيون ڪري روڊ کولرايو، پوليس ٻڌايو ته نينگر جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، بنا جواز ڌرڻو هنيو ويو،