ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ ۾ جھيڙي دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڳوٺاڻو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ هڪ ڏينهن اڳ ميهڙ ۾ ٻن ٿاڻن اي سيڪشن ۽ بي سيڪشن ٿاڻن جي سامهون فريدآباد بس اسٽاف تي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ميهڙ لڳ ڳوٺ ورند جا ڀاڻ جو رهواسي 45 سالن جو هشمت ولد گل محمد کوسو زخمن جا سور نه سهندي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو ۾ فوت ٿي ويو آهي جنهن جو مڙه پوسٽ مارٽم لاء تعلقا اسپتال ميهڙ آندو ويو جتي لاش جو پوسٽ مارٽم بعد وارث ڳوٺ ورند جا ڀاڻ کڻائي ويا، تعلقا اسپتال ميهڙ ۾ موجود فوتي جي وارثن ڀاء الزام هنيو ته چانڊيه برادري جي ڌر جي هٿيار بندن بيگناه حملو ڪري فائرنگ ڪري سندس ڀاء هشمت کوسو کي قتل ڪيو آهي جڏهن ته ميهڙ پوليس ٻنهي ٿاڻن اڳيان ٿيل جهيڙي ۽ فائرنگ سبب زخمي ٿيڻ کان پوء فوت ٿيل هشمت کوسوجو نه قتل ڪيس داخل ڪيو آهي نه واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي