ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ کدڙن فقيرن کي ايڊز ، ٽي بي ۽ مليريا کان بچائڻ لاءِ کدڙن جي سماجي تنظيم کي  يو اين ڊي پي پاران ملندڙ فنڊ بنا سبب ڄاڻائڻ جي بند، کدڙن فقيرن ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڌمال هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، کدڙن فقيرن پاران يو اين ڊي پي خلاف نعريبازي ، ان موقعي تي بنديا رانا، شهزادي راءِ، زعرش خانزادي ۽ ڊاڪٽر معيذ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته يو اين ڊي پي پاران کدڙن فقيرن جي حقن ۽ آگاهي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم جيا (جينڊر  انٽريڪٽو الائنس ) سان هڪ معاهدو ڪري کدڙن فقيرن کي ايڊز، ٽي بي ۽ مليريا کان بچائڻ لاءِ سندن علاج ۽ آگاهي وارو پروگرام شروع ڪيو ويو هو،  جيا پاران ڪراچي ۾ 1500 کان وڌيڪ کدڙن فقيرن کي ايڊز کان بچائڻ لاءِ سندن ٽيسٽ ڪرايا ويا، جڏهن ته  آگاهي مهم لاءِ پروگرام ڪيا ويا، بيمار کدڙن فقيرن جو علاج  پڻ ڪرايو ويو، پر اوچتو 22 جولاءِ تي يو اين ڊي پي خط لکي بنا سبب جي معاهدو ختم ڪري ڇڏيو، جنهن سان کدڙن جي صحتمند زندگي وارو منصوبو اڌورو رهجي ويو آهي،  لاڙڪاڻي جيان ڪراچي ۾ به ايڊز پکڙڻ  جو خدشو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته يو اين ڊي پي معطل ڪيل معاهدو فوري طور بحال ڪري ۽ پروگرام جا فنڊ رليز ڪري، ٻي صورت ۾ 14 آگسٽ کانپوءِ يو اين ڊي پي جي هيڊ آفيس آڏو احتجاج ڪنداسين.